عبدالسلام ٿھيم

عبدالسلام ٿھيم

عبدالسلام ٿھيم

عبدالسلام ٿھيم: نوجوان ڪھاڻيڪار عبدالسلام ولد محمد مبارڪ ٿھيم، ضلعي سجاول جي ساحلي پٽيءَ واري شھر جاتيءَ ۾، 15 مارچ 1980 ۾ ڄائو. هن پرائمريءَ کان سيڪنڊريءَ تائين تعليم جاتي ۽ سجاول مان حاصل ڪئي. ايم. اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات مختلف اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ کان ڪئي. 2004ع کان تعليم کاتي ۾ استاد آهي. سندس ننڍپڻ کان ئي ادب ڏانهن لاڙو هو. سندس مامو نورالدين نفيس پنهنجي وقت جو ناليوارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار هو، جنهن جي رهنمائيءَ ۾ ادب طرف آيو. لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪيائين. سندس پهرين ٻارن لاءِ ڪهاڻي روزاني هلال پاڪستان جي ٻارن جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿي. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ٻارن جي هفتيوار پروگرام ۾ اصلاحي خاڪا پڻ لکيا. 2006ع کان وڏن لاءِ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين. عبدالسلام ٿهيم، 2007ع ۾ ٻارن لاءِ علمي، ادبي رسالو ‘روشن تاراجاري ڪيو، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر هو. هن رسالي جا 17 شمارا جاري ڪيائين. هن ڪهاڻين سان گڏ ڪجهه اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن، جيڪي جاتي شهر ۾ وقت بوقت اسٽيج تان پيش ٿيا. سندس ڪهاڻين جا ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ‘مينهن آيو ڊوڙي’ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، ‘اوسيئڙي ۾ جڙيل آس’ (ڪهاڻيون) ۽ ‘گلن سان تعزيت’ (ڪهاڻيون) کان سواءِ تازو ئي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سندس ڪتاب ‘مينهن آيو موٽي’ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 2017ع) ڇپيو آهي. هيءُ جاتي شهر ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.03.15  عيسوي

نوجوان ڪھاڻيڪار عبدالسلام ولد محمد مبارڪ ٿھيم، ضلعي سجاول جي ساحلي پٽيءَ واري شھر جاتيءَ ۾، 15 مارچ 1980 ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راڻي
پدمڻي ڪپيلا
حسينه معين
حسن خوشنويس
جمعو فقير 2
تيجو مل خانچند لڌاڻي
حميد عظيم آبادي
قائداعظم محمد علي جناح
شاهه اسماعيل صوفي ٺٽوي
جسوڌڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون